اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي بز??لاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور ن?? ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??لڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اه??ڪا??ن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اه??ڪا??ن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.