??سل??م آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ٻن سينئر عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ??هي. پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ??ه اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ??ه پاڪستان بي جي پي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدارن جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي قدمن تي افسوس جو ??ظهار ڪري ٿو جنهن سان مسلمانن جي درد کي گهٽ نٿو ڪري گسهجي، بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ مسلمانن کي منظم طريقي سان بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي منظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀارت جي مختلف رياستن جي سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ترجمان چيو ??ه ڀارت ۾ مسلمان مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو ??والو ڏئي مسلمانن کي انهن جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي وڌندڙ ڪوششون ڀارتي معاشري ۾ ??سل??مو فوبيا جي واضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان بي جي پي جي قيادت ۽ ڀارتي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي واضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انهن جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀارتي حڪومت کي عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميدارين جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ??ه هو اقليتن کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ ف??ري قدم کڻي، انهن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سان پنهنجي عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ??ه هو ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ”هندوتوا?? سبب متاثر ??سل??مو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف انساني حقن جي منظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀارتي عملدارن تي دٻاءُ وجهي.