ڪ??اچ?? – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪ??اچ?? واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چي?? ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تا??يخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چي?? ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چي?? ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ وا??ح ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.