اسلا?? آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ب??طا??يا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام ??يٺ 5 آگسٽ تي ملهائجن??ڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول ??وس??ئٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.