اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪس??ان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ان قابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس ??يڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم سا?? جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دوستاڻن ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم پاڪس??ان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراع??م ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ج??ني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائيندي هن پاڪس??ان جاپان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪس??ان سا?? جاپان جي مسلسل تعاون جي عزم کان آگاهه ڪيو. وزير هونڊا تارو وزيراعظم کي پاڪس??ان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.