ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته پا??ست??ن ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، پا??ست??ن کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پا??ست??ن جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ??يڊ??ا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال ک?? لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پا??ست??ن ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پا??ست??ن ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پا??ست??ن موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ?? تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پا??ست??ن جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پا??ست??ن کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سا?? هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پا??ست??ن سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال ک?? منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پا??ست??ن جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته پا??ست??ن جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پا??ست??ن ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پا??ست??ن جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سان عالمي سطح تي پا??ست??ن لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پا??ست??ن جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.