اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪ??رٽ آف پاڪستان ۾ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اس??ام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله، سنڌ هاءِ ڪ??رٽ جي جج جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي جج جسٽس شاهد وح??د جي سپريم ڪ??رٽ جي جج طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اس??ام آباد هاءِ ڪ??رٽ طور مقرري جي پڻ منظوري ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.