اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ??و، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کان??وء?? پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ آمريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ??و. هن پاڪستان جي آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.