اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خ??ن، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحم??ن، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خ??ن، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خ??ن، اسفند يار خ??ن، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحم??ن، سلامت خ??ن، جاويد وزير، طارق نصير، محمد اعظم خ??ن، ظفر حيات، مولانا عبدالرحم??ن، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ??ه پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ تر??ياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ??ه چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي ملندڙ امداد تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي تر??ي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي تر??ي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.