اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي مشڪل معاشي ص??رت??ال درپيش آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪر?? رهيا آهيون، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ مع??شت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي مع??شت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ مع??شت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي مع??شت ۽ افغانست??ن جي ص??رت??ال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي بي??ن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دفاع وارو وفاقي وزير سياسي تناظر ۾ ڳالهه ڪر?? رهيو آهي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪر?? رهيو هو. هن چيو ته اسان کي بدترين معاشي بحران درپيش آهي، پاڪست??ن جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪر?? آهي، ٻوڏ پاڪست??ن جي مع??شت جو رخ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان اڃا تائين مشڪلاتن مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ انهي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪر?? رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خ??ن جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي جنهن ۾ جمهوري عمل جي پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خ??ن جمهوري انداز اختيار ڪر?? واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪر?? رهيو آهي جيڪو ??ن جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خ??ن جمهوري رستي جي چونڊ نه ٿو ڪر?? ته پوءِ ??ن جو ڪو سياسي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کا?? وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ??ن جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذاريو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته پاڪست??ن جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت رهيو آهي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي رهيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿيو آهي ۽ افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ افغانستان مان خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.