اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر اسلام آباد ۾ نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي ??وش??ي ??ڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت ٻڌايو. نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل ا??ڪلز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.