اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ پ??ڪس??اني وفد جي قيادت ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي مم??ڪتي وزير ٻين شريڪ وفدن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو مڪينزم 2021ع ۾ پ??ڪس??ان جي قدم تي قائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف کي تيار ڪرڻ آهي. پ??ڪس??ان 8 سيپٽمبر 2021ع تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين اجلاس جي ميزباني ڪئي. پ??ڪس??ان نومبر 2021ع ۾ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٿيندڙ ٻئي اجلاس ۽ مارچ 2022ع ۾ چين جي شهر تونشي ۾ منعقد ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو طريقيڪار افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي افغانستان جي صورتحال جون سڌوسنئون ڌريون آهن. بيان موجب پ??ڪس??ان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ منسلڪ افغانستان جي گڏ??ل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.