اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان م??ن پاڪستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو جده ک??ن پاڪستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال س??ن پاڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم ک??ن پورٽ سوڊ??ن پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي پورٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪست??ن پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جار?? آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سوڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان جده تائين فيري ??ي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ??رڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ??ئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي ره??دي?? خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئ?? آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ??رڻ جاري ??کندا. هن چيو ته جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري ??کندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ??ندو.