اسلام آباد – 17 – مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ س??امتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون ??راهم ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي سهولتون ??راهم ڪندو. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقائي امن ۽ س??امتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ س??دس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي اي??دڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون ??راهم ڪري سگهجن.