اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالعدم تنظيم بي اين اي جي باني ۽ سربراهه ۽ هائي پروفائيل عسڪريت پسند ليڊرن مان هڪ گلزار امام شمبي جي پڪڙڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته امن جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيو?? آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊي جي آءِ ا??س آءِ، پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ مختلف ??اگرافيائي جاين تي ٻڌل، انتهائي ڏکئي انٽيلي جنس آپريشنز کي وڏي نفاست ??ان سرانجام ڏيڻ تي قوم پاران خصوصي ساراهه جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي بلوچستان امن ۽ خوشحالي طرف گامز?? آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد سان ڪئي.