اسلام آباد – 08 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن، ع??رت?? ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پر??گرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بجيٽ 24 – 2023ع ۾ نوجوانن، ع??رت?? ۽ زرعي ٽيوب ويلز بابت خصوصي منصوبن جي لاءِ رقم رکي ويندي، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ملندا، تعلي?? ۽ ??سپورٽس انڊومنٽ فنڊ ٺاهيا ويندا. پنجاب انڊومنٽ فنڊ جي طرز تي ”تعليم بابت پاڪستان انڊومنٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي اهي، ان فنڊ سان سڄي ملڪ جي ذهين پر غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏنا ويندا. نوجوانن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي وزيراعظم يوٿ پر??گرام جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي. نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف هنر سيکارڻ جي لاءِ وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. نوجوانن کي هڪ لک مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي جي لاءِ رقم پڻ بجيٽ ۾ رکي وئي آهي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مالي مدد ڪئي ويندي. نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ اسپورٽس سرگرمين جي حوصلا افزائي جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. ع??رت?? کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي پر??گرام جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي پر??گرام جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي وزيراعظم جي آبادگار پئڪيج جي ٻئي حصي طور ڪئي ويندي.