اسلام آباد – 12 – جون (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته اسان جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحي??ن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي نالي پ??هنجي پ??غام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پ??ري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اسپيشل اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگا?? ۽ ??اندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شمولي?? تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هن?? ۽ ??وزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.