اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪ??مت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي م??فوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪ??مت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قد?? کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان کي سامونڊي طوفان سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪ??مت ڀرپور قد?? کڻي ره?? آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب بدين ۽ ٺٽي کي خطرو آهي، ڪراچي شهر ۾ طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪ??متي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪ??مت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي م??فوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي طوفان سان بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪ??متي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.