اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آه??، ريڊيو پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي و??يلن جي شديد کوٽ ڳ??تي جوڳي آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت ريڊيو پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊيو پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري و??ارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي و??ي. وفاقي محتسب ريڊيو پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پاڪستان کي رٽائرڊ ملازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آه??، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آه??. ريڊيو پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل دا??ل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آه?? ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آه??، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آه??. صدر چيو ته پينشنري فائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳ??تي جوڳيون آه??. ريڊيو پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آه??. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي.