اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نور عالم چيو آهي ته پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي هئڻ گهرجي. پاڪستان لاءِ قرباني ڏيندڙ اسان لاءِ قابل احترام آهن. مڊل ايسٽ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو وڃي جيڪي وڏو ناڻو موڪلين ٿا، بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ ڌيان ڏنو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي نور عالم چيو ته آبادگار جي مقابلي ۾ يوريا فيڪٽري جي مالڪن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون. ٻهراڙي ۾ رهندڙ غريب ڏهاڙيدار جي ??ندگي بهتر بنائڻ لاءِ سوچڻو پوندو، بجلي جو کاتو سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ آهي ۽ ان جي ملازمن کي بجلي مفت ملندي آهي، 761 ارب رپيا پينشن جي ??ور تي ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته اوورسيز کان وڌيڪ ناڻو سعودي عرب يا مڊل ايسٽ جي ٻين ملڪن مان اچي ٿو، يورپ، آمريڪا بعد ۾ اچن ٿا، جيڪي ڏينهن جو به مزدوري ڪن ٿا ۽ قانوني طريقيڪار سان پئسا ملڪ موڪلين ٿا ان کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيو. هن چيو ته ??يم فنڊ جو اڪائونٽ کولڻ بابت مان رجسٽرار سپريم ڪورٽ کان جواب گُهريو. مون مهانگائي خلاف ڳالهايو ته اڳوڻي وزيراعظم نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي منهنجي ??لاف لڳائي ڇڏيو. 9 مئي جا واقعا کُليل بغاوت هئي پر ائين ڪرڻ وارن کي ڪجهه به نٿو چيو وڃي. آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر اسان کي خط لکي گڏيل قومن جي چارٽر جي ??لاف ورزي ڪن ٿا، اهي ڪير آهن جيڪي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ امن سان رهي ر??يا آهيون ته پاڪستان جي ??وام ۽ فوج جي قربانين بدولت آهي، جن پنهنجي هزارين جوانن جي قرباني ڏني. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ پارٽي اڳواڻ کي وڏا اختيار ڏنا ويا آهن جيڪو درست ناهي. هن چيو ته ٽيڪس ڇوٽ وڏن ۽ بااثر ماڻهن کي ڏني وئي آهي. پي اي سي 10 کرب رپين جي ??يڪوري ڪئي آهي جيڪا ايف آءِ اي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان وڌيڪ آهي. بلين ٽرين سونامي ۾ ڪرپشن ٿي آهي. هن چيو ته ڀاشن ڏيندڙ ليڊرن کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو اچن، مد??نه منوره هلون ٿا ته اتي قسم کڻون ٿا ته 190 ملين پائونڊ ڪيئن ڏنا ان باري ۾ ٻُڌايو. مد??نه جي ??ياست بنائڻ وارا اسان تي الزام تراشي ڪندا رهيا، سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي ها. هن چيو ته هڪ وزيراعظم کي اقامو رکڻ تي ۽ ٻئي کي خط نه لکڻ تي نااهل ڪيو ويو. 63 اي کي ان وقت ختم ڪرڻ گهرجي ها. اسان پوري ملڪ جي ??وشحالي چاهيون ٿا. پشاور کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان جي ??لائقي ۾ بجلي ناهي ۽ اربين رپين جي ??جلي ملازمن کي ملي ٿي. قومي جهنڊي کي ساڙڻ وارن جي ميمبرشپ ختم ٿيڻ گهرجي ??ه جيئن قومي جهنڊي جي ??عظيم ٿئي. شهيدن جي ٻارن کي پينشن ۽ ٻيون مراعتون ملڻ گهرجن.