اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مري??ن جي سارسنڀال ڪندڙ شهيد ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن ۾ سنڌ مان 87، پنجاب مان 81، خيبرپختونخواهه ??ان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊ??ڪٽر شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي ملڪ مان ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران خدمتن جي اعتراف ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي انهن فرزندن ۽ ڌيئرن ذميوارين کي نڀائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن فرض شناس ڊاڪٽرز ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي مقروض رهندي. انهن ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جا گهرڀاتي قو?? جو فخر آهن. پنجاب مان 81، سنڌ مان 87، خيبرپختونخواهه ??ان 23، بلوچستان مان 8، آزاد ڪشمير مان 4 ۽ گلگت ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڊ??ڪٽر کي عالمي وبا دوران محنت ۽ لڳاءُ سان ماڻهن ??ون زندگيون بچائڻ ۽ فرض جي ادائيگي دوران شهادت تي تمغه امتياز (فوت ٿيڻ کانپوءِ) ڏنو ويندو. سڄي پاڪستان مان 59 نرسن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي پڻ وبا دوران پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ماڻهن جي جان بچائڻ تي تمغه امتياز (وفات کانپوءِ) سان نوازيو ويندو.