بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ سان امر انٽرنيشنل جي چيئرمين وانگ وينين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب ملاقات ۾ امر انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ٽامي ۽ اسٽيل جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم امر انٽرنيشنل جي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو جنهن تحت کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.