اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته والاريل فلسطين جي صورتحال پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، پاڪستان غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪي اسرائيلي قابض فوج جي اجتماعي سزا جي غيرانساني مهم کي منهن ڏئي رهيا آهن. پريس بريفنگ ۾ هن اسرائيل جي ا??ڌاڌنڌ ۽ بنا فرق جي بمباري جي نتيجي ۾ غزه ۾ 2700 ٻارن سميت 6500 کان وڌيڪ شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ترجمان چي?? ته اسان ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس ۽ فوري ا??دادي خدمتون ڏيندڙن کي ساراهيون ٿا جن مشڪل حالتن ۽ ذاتي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ساٿي ا??سانن جي خدمت جاري رکي آهي. هن چي?? ته اسان يو اين آر ڊبليو اي ۽ گڏيل قومن جي ٻين تنظيمن جي صحافين ۽ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا جن فرض جي ادائيگي ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ترجمان ان ڳالهه تي ا??سوس جو اظهار ڪي?? ته فوتگين جي وڌندڙ انگ، عالمي ا??ساني قانون جي کليل خلاف ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسلي تطهير جي مطالبن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي جو مطالبو، غزه جي ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ?? غزه ۾ قتلام کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي هنگامي اجلاس جو منتظر آهي ۽ اميد ڪري ٿ?? ته هو اهڙو ڪردار ادا ڪندو جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ نسلي ا??تياز جي منصوبن جي مذمت ڪندي. هن چي?? ته اسان اسرائيل جي حامين تي زور ڀريون ٿا ته اهي ا?? ظلم جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ?? غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ?? غزه جي گهيريل عوام جي لاءِ زندگي بچائيندڙ انساني ا??داد جي هڪ پائيدار سپلائي لائين جي حمايت ڪن جنهن ۾ پاڻي، ٻارڻ، خوراڪ ۽ دوائون شامل آهن. هن چي?? ته عالمي برادري کي ا??و به يقيني بڻائڻ گهرجي ته تشدد ۽ بمباري جي مهم پوري وچ اوڀر ۾ نه پکڙجي ۽ نه ئي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي. ترجمان پاڪستان جي ا?? موقف جو ورجاءُ ڪي?? ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عم???? متصل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي جي قيام سان ممڪن ٿيندو.