لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ت?? نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي ت??يق لاءِ ڀرپور ڪردار اد?? ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي ط??ر مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار اد?? ڪري رهي آه??، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل يونيورسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.