اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي انتظامي معاملن، امن امان جي ??ور??حال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو ??ور?? خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي اسلام آباد ۾ امن امان جي ??ور??حال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وزي??اع??م پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ??رپ??سي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.