اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻولي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يوني??رس??ي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي ه??ي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آهي جيڪو و??ندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي ه??ي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يوني??رس??ي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻي?? ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يوني??رس??ي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يوني??رس??يون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي ه??ي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.