اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ??در سان بلوچستان جي گو??نر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگران وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ ??در سان بلوچستان جي گو??نر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلوچستان جي گو??نر چيو ته پوليس کي مظاهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ ا??تي??رن کان تجاوز نه ڪرڻ ??هرجي ها. بلوچستان جي گو??نر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ڪري. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.