اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ??ختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ص??اف??ن سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاق?? وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان جي لاءِ ??مڪ?? نه هو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ??ختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستان جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو ??يال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو ??ئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.