اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان هڪ جعلي هدايتنامو ٺاهيو ويو ۽ ان کي ڦهلايو ويو، هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر کي هدف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نا??ي ۽ تصوير سان جعلي واٽس ??يپ اڪائونٽس ??ستعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف اليڪشن ڪمشنر جي نا??ي ۽ تصوير سان ٺاهيل انهن جعلي واٽس ??يپ اڪائونٽس ۽ انهن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کان هوشيار رهندي ان کي نظرانداز ڪري.