اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي وڏي مقدار ۾ هُجڻ جو حوالو ڏيندي چ??و آهي ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موثر فيصلاسازي کي اختيار ڪرڻ لازم?? آهي. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”موسمياتي بحران، ڏکڻ ايشيا جي لچڪ جي جوڙجڪ“ جي موضوع تي ريجنل ڊائيلاگ 2024ع کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ صدر چ??و ته پاڪستان پاڻي، قابل تجديد توانائي جي صلاحيت ۽ ٻين وسيلن سا?? مالامال آهي، جيتوڻيڪ انهن فيصلن تي عملدرآمد ۽ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اڳوڻي سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ محقيقين جي اجتماع کي ٻڌا??و ته پاڪستان وٽ اٽڪل 150 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود آهي، جيڪو اسپري، آءِ ڊرپ ايريگيشن جهڙي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ آبپاشي جي روايتي طريقن کي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪاف?? آهي. قومي پاڻي پاليسي ۽ ٻين لاڳاپيل قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي هن چ??و ته پراسيسنگ مڪينزم به پاڻي جي بچت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چ??و ته ڪراچي ۾ روزانو اٽڪل 400 ملين گيلن پاڻي سيوريج ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ڏوهه آهي. هن مُهاڻن پاران بندش پيل ڄار جي استعمال تي پڻ روشني وڌي جنهن جي نتيجي ۾ سا??ونڊي جيوت جو تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چ??و ته مختلف سببن جي ڪري يورپ پاڪستان کان مڇيءَ جي درآمد جي اجازت نه ڏئ?? رهيو آهي. صدر هالينڊ جو مثال ڏنو جيڪو پاڪستان کان ماپي ۾ 19 ڀيرا ننڍو هجڻ ۽ پاڪستان جهڙو وڏي مقدار ۾ پاڻي دستياب نه هجڻ جي باوجود دنيا ۾ خوراڪ فراهم ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي. هن وڌيڪ چ??و ته اهڙي طرح ويٽنام به عالمي معيارن ۽ ٽيڪنيڪن کي اختيار ڪندي ماهيگيري جي برآمدات کي اٽڪل 10 بلين ڊالر سا??يانو تائين پهچايو آهي. هن چ??و ته آبادگارن پاران جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي پاڪستان به دنيا کي خوراڪ فراهم ڪري سگهي ٿو. هن بهترين حڪمت عملي جي ذريعي ڪوويڊ 19 جي بحران ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو حوالو ڏنو ۽ چ??و ته جيڪڏهن ملڪ اهڙي طرح جو مثال قائم ڪندي جيئن ان وسيع پئماني تي وڻ لڳائڻ جي ذريعي به سڃاڻپ حاصل ڪئي ته دنيا ان جي نقش قدم تي هلندي. صدر تحقيقي ڪمن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي ڪردار کي ساراهيو. جڏهن ته انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي مصنوعات جي مارڪيٽنگ ڪن ته جيئن پاليسي ساز ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چ??و ته ٽيڪنالاجي بي مثال ترقي ڪر?? ره?? آهي. جڏهن ته انساني فڪري قوت زوال پذير آهي. هن وڌيڪ چ??و ته دنيا جو نظام مفادن جي بنياد تي هل?? رهيو آهي جنهن جو انساني قدر سڀ کان وڏو شڪار آهن. ان کان اڳ آءِ آر ايس جي صدر ايمبيسڊر نديم رياض پنهنجي تعارفي خطاب ۾ چ??و ته علائقائي ڊائيلاگ اداري جو سا??يانو فليگ شپ ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪن مان سفارتڪارن، پاليسي سازن، محققين ۽ تعليمي ماهرن کي گهرايو ويو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته انسٽيٽيوٽ کي 42 هون قومي ۽ عالمي حصيدارن جو تعاون حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي پاليسي سازن ۽ حڪمت عملي سازن کي بصيرت فراهم ڪر?? رهيا آهن. هن چ??و ته ڏکڻ ايشيا موسمياتي تبديلين جي خطرن جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور خطو آهي جنهن سا?? ان جي مالياتي نظام، غذائي تحفظ ۽ توانائي کي خطرا لاحق آهن.