اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ??مهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان کان ذاتي مشورو گهريو آهي، ان جي لاءِ اها توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميواري آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان هڪ خاندان طور پنهنجي پولنگ اسٽيشن تي پهتاسين، لائين ۾ بيهي ووٽ ڏنوسين، توهان سڀني کي به درخو??ست آهي ته ٻاهر اچي پنهنجي را??ِ جو حق استعمال ڪريو. هن چيو ته پاڪستان کي توهان جي را??ِ جي جي??ري ضرورت اڄ آهي اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.