اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي ??ات??ي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ورڪرز ان سلسلي ۾ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن. صحت وزارت مان جاري ڪيل ??يا?? مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي ??ات??ي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ مان پوليو جي ??ات??ي ۾ هڪ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن.