اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهڙا آفيسر جيڪي بجلي چوري ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف فوري ??ور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي جڏهن ته ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽرز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ۽ وڌيڪ نقصان ۾ و??ندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي چو??ي جي روڪٿام جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ت?? اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن جي ذريعي هڪ مستحڪم نظام جوڙيون. هن چيو ت?? ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي ??ور تي بجلي چو??ي جهڙي مسئلي کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته اهڙا آفيسر جيڪي بجلي چوري ۽ ان حوالي سان سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف فوري ??ور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ت?? ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جنريشن ڪمپنيز سرڪاري خزاني تي بار آهن جن جي نجڪا??ي جي لاءِ ڪم فوري ??ور تي شروع ڪيو وڃي. هن بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن جي حوالي سان مڪمل پلان ٺاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽرز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ت?? وڌيڪ نقصان ۾ و??ندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽرز هنيا ويندا. اجلاس کي بجلي چو??ي جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? جن علائقن ۾ بجلي چو??ي جي شرح گهٽ آهي اتي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 462 (O) ۾ آرڊيننس جي ذريعي ترميم آندي وئي آهي جنهن کانپوءِ بجلي چوري هاڻي هڪ قابل دست اندازي پوليس ڏوهه آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ت?? گذريل سال سيپٽمبر ۾ شروع ٿيندڙ بجلي چو??ي جي مهم جي ڪري بجلي چو??ي جي شرح ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، بجلي چو??ي جي خاتمي واري مهم تحت سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 57 ارب رپين جي ري??وري يا وصولي ڪئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? مهم کي موثر بڻائڻ ڪيترن ئي بجلي چو??ي جي خاتمي جي مهم ۾ هول آف دي گورنيمنٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي. بجلي چو??ي جي خاتمي جي مهم تحت ڪاررواين جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ 45777، سنڌ ۾ 1250، خيبرپختونخواهه 5121 جڏهن ته بلوچستان ۾ 181 گرفتاريون عمل ۾ آندو ويون آهن. مهم دوران ڊسٽربيوشن ڪمپنيز جا 350 اهلڪار خراب ڪارڪردگي يا سهولتڪاري تي معطل ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميا جي سطح تي ٽاسڪ فورس کي سٺي ڪارڪردگي تي ري??وري رقم جو ڪجهه حصو ب??ور انعام ڏنو ويندو.