لاهور – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي لاءِ هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي مع??ل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ غذائي تح??ظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، آبادگارن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت ڪڻڪ جي طلب ۽ پهچ ۽ وفاقي حڪومت جي خريداري جي پروگرام جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تح??ظ ۽ تح??يق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصاديات واري وفاقي وزير احد خان چيما، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪ?? ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ غذائي تح??ظ جي حوالي سان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جي عمل لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي؟ وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ ان حوالي سان غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي مع??ل ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي حوالي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو و??ي ۽ ان سلسلي ۾ موبائيل فون ايپلي ڪيشن جلد کان جلد تيار ڪئي وڃي. هن پاسڪو جي اسٽاڪ جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ هداي?? ڪئي ته آبادگار جي معاشي تح??ظ جي لاءِ جنسن جي انشورنس کي يقيني بڻايو و??ي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ موثر طريقي سان خريداري ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگ?? ڏيکاريندڙ پاسڪو مرڪزن ۽ آفيسرن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ انهن جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي.