اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪست??ن اسلامي جمهوريه اير??ن جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهي??ن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهور??ه پاڪست??ن جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پار??ن جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه اير??ن جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اس??ن جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه اير??ن جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪست??ن ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اس??ن جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪست??ن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهور??ه پاڪست??ن ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.