اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آ??رب??ئيجان دوستاڻي لاڳاپن جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ واپار، سيڙپڪاري، تو??نائي ۽ رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آ??رب??ئيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ عالمي معاملن تي ٻڌل گهڻ رخي ٻطرفي ۽ علائقائي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻئ?? ملڪ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، تو??نائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. هن چيو ته ٻئ?? ملڪ خاص طور تي ت??انائي جي شعبي ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، تو??نائي ت?? گڏيل ورڪنگ گروپ ان شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم هوندو. هن چيو ته ٻئ?? ملڪ واپاري ۽ تعليمي رابطن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ قابل تجديد تو??نائي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي پڻ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن. نائب وزيراعظم ڪوپ – 29 اجلاس جي ميزباني جي لاءِ آ??رب??ئيجان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو. ڌرين غزه جي موجوده صورتحال تي ت??صيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسرائيلي جارحاڻي ڪاررواين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشمير مسئلي ت?? آ??رب??ئيجان جي مستقل ۽ اصولي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ آ??رب??ئيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. آ??رب??ئيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ان مقوعي ت?? صحافين کي ٻڌايو ته ملاقات ۾ هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي ت??ام گهڻي صلاحيت اڃا تائين استعمال ۾ ناهي آئي جنهن جي لاءِ تو??نائي، سياحت، ٽرانسپورٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽرانسپورٽ گڏيل اقتصادي منصوبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺون پاڪستان آ??رب??ئيجان بين الحڪومتي ڪميشن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن پاڪستان جي واپاري برادري کي آ??رب??ئيجان جي سازگار ڪاروباري حالتن ۽ ڪنيڪٽيويٽي منصوبن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ڇهن سڌوسنئون اڏامن ۽ گذريل سال آ??رب??ئيجان جو دورو ڪندڙ 55 هزار پاڪستانين جو ذڪر ڪندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 29 اجلاس تو??نائي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون جا موقعا پڻ پيدا ڪندو. هن ڪاراباخ تڪرار تي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سان پاڪستان جي ٺوس موقف کي پڻ ساراهيو ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل تي آ??رب??ئيجان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي سميت سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته آ??رب??ئيجان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسرندڙ ملڪ موافقت کي فروغ ڏيڻ سميت فني ۽ صلاحيت سازي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ ضروري وسيلا حاصل ڪري سگهن. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان کي 34 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي ۽ ملڪ اڃا به متاثر آبادي جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، انرجي سيڪيورٽي ۽ ڪنيڪٽيويٽي حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. هن اوڀر چين، ڏکڻ ايشيائ?? ملڪن ۽ ٻين ملڪن کي ڪنيڪٽيويٽي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ پاڪستان جي مثالي اسٽريٽجڪ جڳهه کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، تو??نائي، دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ مضبوط عزم جو اظهار ڪيو.