شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين ت?? زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ نجڪاري جي لاءِ غور هيٺ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيرا??ظم پاڪستان جي 24 هين وڏي معيشت هجڻ جي حيثي سان ماضي جي معاشي ڪارڪردگي جي سٺي ٽريڪ رڪارڊ جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومتن جي بار بار تبديلي ۽ سياسي غيريقيني صورتحال معاشي پروگرام کي شديد نقصان پهچايو. هن چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف وٽ هڪ تمام وڏو واضح روڊ ميپ آهي جنهن ۾ روانگي واپار وڌائڻ سميت واڌويجهه جي شرح سان صنعتڪاري ۽ روانگي واپار جي متبادل جي طور تي ٻڌل صنعت شامل آهي جنهن جو بنيادي مقصد مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ اهي. نائب وزيرا??ظم آءِ ٽي، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ ملڪ جي صلاحيتن جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته بزنس فورم گذريل تقريبن کان مختلف آهي ڇو ته ان ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جي ميچ ميڪنگ شامل آهي. هن چيني وا??ار??ن ت?? زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي صلاحيت کي نظر ۾ رکن. نائب وزيرا??ظم چيني وا??ار??ن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ مزدوري جي لاڳت تمام ??نا??ب آهي جڏهن ت?? سيڙپڪاري جي سهولت ۽ آسان پروسيسنگ جي لاءِ وزيرا??ظم جي سربراهي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ صوبائي وڏا وزير هڪ ڇت هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان هڪ گهري ساختي اقتصادي تبديلي طرف وڃي رهيا آهيون ۽ اسان 20 G-۾ شموليت جي هدف تائين پهچڻ جي لاءِ تي?? رفتاري سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيني فرمز تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان گڏ چين جي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، پاڪ چين بزنس فورم کي وزيرا??ظم پڻ خطاب ڪيو.