اسلام آ??اد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي سف??ر ڊاڪٽر معين خراست سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سف??ر صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني امداد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سف??ر کي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پاران شرڪت جي خاطري ڪرائي. اردن جي سف??ر ان موقعي تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. صدر فلسطين ۾ امداد پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سف??ر صدر آ??ف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪ??اد جو پيغام پهچايو.