اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪندي ان حوالي سان سموريون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آه?? ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ مختلف صنعتي ۽ ڪاروباري ايسوسيئيشنز جي نمائندن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان حوالي سان سموريون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۾ مقامي سيڙپڪاري وڌندي تڏهن ئي ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. و??ير??عظم چيو ته پنهنجي چين جي ايندڙ دوري دوران چيني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيندس، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي پاليسين سان ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي نئين منصوبن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ٽن وڏن ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، قومي خزاني کي اربين رپين جي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سواءِ ڪجهه اسٽريٽجڪ رياستي ملڪيتي ادارن جي باقي سمورن ايس او ايز جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون. و??ير??عظم چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري جي بهتر واڌويجهه خوش آئنده آهي، ٻاهرئين ملڪ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي پئي وڃي. و??ير??عظم وفد کي انهن جي سمورن جائز مطالبن ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. و??ير??عظم وفاقي وزيرن کي سمورن صنعتي شعبن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪاروباري برادري و??ير??عظم پاران مختلف فورمز تي التوا هيٺ انهن جي پراڻي مطالبن کي پورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد خاطري ڪرائ?? ته ڪاروباري برادري معيشت جي بهتري ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مملڪتي وزير علي پر??يز ملڪ، و??ير??عظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.