اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون ??نظ??م ۾ فلسطين جو ڪيس ڀ??پو?? انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان ??طالبو ڪيو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگهائي تعاون ??نظ??م جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي ح??ال?? سان ??اليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هزار کان ??ڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فلسطيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون ??نظ??م جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي پاڪستان شنگهائي تعاون ??نظ??م ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح موقف پيش ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون ??نظ??م ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.