اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسو??ءِ نه رهي ??گه??و. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د وطن سان وفاداري، فرض شنا??ي ۽ وطن جي دفاع جي ل??ءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسو??ءِ ويڙهه جو اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي ل??ءِ قابل فخر آهن. پاڪستاني فوج جون ملڪ جي ل??ءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪري ٿي.