اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايج??ڊا طئي ٿي وئي آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيمه، قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، ??اور، پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ن??ڻي، آبي وسيلن، ??يٽروليم، انساني حقن، ??ذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايج??ڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايج??ڊا به طئي ڪئي وئي.