اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کانپوءِ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ اضافو ڪيو، آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ آهي??ن ۽ بنا ڪنهن جواز جي ڀارتي قبضي جو خاتمو اسان جو مشن آهي، حڪومت ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. اها ڳالهه هن ڪشمير ۽ سيفران واري واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير معاملن واري وزارت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي آگاهي مهم هلائي ۽ هڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو جنهن تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تحت ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي. معصوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو، ڀارت پاران ان جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جون به مسلسل خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي. پاڪستان حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي سدائين مذمت ڪئي آهي ۽ ورجاءُ ڪيو آهي ته معصوم ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم حڪومت دوران به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ چيو هو ته ڪشميري عوام کي خ??دمختياري ج?? حق ڏنو وڃي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ بنا جواز قدمن تحت ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ اتي انساني حقن جي خ??اف ورزين ۾ اضافو ڪيو. حريت اڳواڻن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ حقن جي بحالي سميت ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ٿيڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قراردادن تحت معصوم مظلوم ڪشميرين کي خ??دمختياري ج?? حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي ڏهاڪن تي ٻڌل قربانين جو داستان آهي، جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن ۽ ٻارن قربانيون ڏنيون آهن. اڄ به اهي نعرا لڳائين ٿا ته اسان پاڪستاني آهي??ن ۽ پاڪستان اسان جو آهي. هن چيو ته آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ بيٺل آهي??ن ۽ بنا جواز ڀارتي قبضي جو خاتمو اسان جو مشن آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي خ??دمختياري ج?? حق ملڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان هر سطح تي پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. ان موقعي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي تيار ڪيل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.