اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واق??ي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي ح??لي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي ح??لو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي ح??لو ڪري ان جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي ح??لو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ??ردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي ح?? ڪرڻ جو واحد رستو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ??لائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.