اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق چيو ??هي ته پارليامينٽرين کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ??هي. قومي اس??مبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ??ه ايوان جو ماحول سٺو آهي، الله ڪري ته ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي. اسان بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، مصطفيٰ ڪمال، محمود خان اچڪزئي ۽ عاطف خان جا ٿورائتو آهيون، اسان کي وسارڻ گهرجي ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو ??هي، اسان جي ليڊرشپ چاهي پاڻ ۾ گڏجي ويهي يا نه ويهي پر ڇا اسان جا پارليامينٽرين پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق نٿا ڪري سگهون، ڇا اسان بهتري طرف نٿا وڃي سگهون. هن چيو ??ه اسان کي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن جي ڳ??له?? ٻاهر وڃي ڪرڻ بدران هن ايوان ۾ ڪرڻ گهرجي، پر آئين جي دائري ڪار ۾ رهندي ڳ??له?? ڪرڻ گهرجي، جڏهن چيف وهپس جي گڏجاڻي ٿي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته حڪومتي اتحاد کي وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي پر رڪارڊ مان ثابت ٿيو ??هي ته اسان مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر هتي نه ڳالهائيندي ته ڪٿي ڳالهائيندي؟ مون پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ??هي، مون قومي اس??مبلي ۾ مٿان قدم کنيا آهن، سيڪيورٽي جي ذميواري سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان سان گڏ موجود اهلڪارن جي هئي جنهن تي کين معطل ڪيو ويو، سي ڊي اي جي اس??اف کي معطل ڪيو ويو ۽ کين هتان کان ٽرانسفر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اس??يڪر چيو ??ه 17 ڊسمبر 2018ع تي اٽارني جنرل جي آفيس مان خواجه سعد رفيق جي حوالي سان هڪ خط اسان کي مليو ??نهن ۾ ٻڌايو ويو ??ه پروڊڪشن آرڊرز جاري نٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح 22 جون 2019ع ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي به اسان کي انهي نوعيت جا خط مليا هئا. هن چيو ??ه غلط شيءَ ڪنهن شيءَ کي درست نٿي ڪري سگهي، جيڪو به مناسب هوندو مان پنهنجي ذميواري پوري ڪندس ۽ ان واقعي جي تهه تائين پهچي ويندس. هن چيو ??ه مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهين کي اس??يڪر سان گڏجي ويهڻ گهرجي.