اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته گرين پاڪستان انيشي ايٽو ??حت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ هن وقت تائين ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب مع??هدا ڪيا آهن، مجموعي طور تي 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضي منتقل ٿي، منصوبي لاءِ پاڻي صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاء?? ملندڙ 4.8 ملين ايڪڙ ايراضي جي حوالي سان سيد نويد قمر ۽ ٻين پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته گرين پاڪستان انيشيئٽو ??حت بنجر زمين کي پوکي لائق بڻايو پيو وڃي، هاڻ تائين فقط 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضيءَ جي منتقلي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته منصوبي ??حت ڪارپوريٽ آمدنيءَ مان 40 سيڪڙو صوبن، 40 سيڪڙو سيڙپڪارن ۽ 20 سيڪڙو تحقيق ۽ ترقيءَ تي خرچ ٿيندي. منصوبي ??حت گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو جي نالي سان ايس اي سي پي ۾ ڪمپني رجسٽرڊ ڪئي وئي آهي، جيترو پاڻي گهربل هوندو اهو صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو. هن چيو ته منصوبي ??حت چولستان ڍنڍ جي اسڪيم بڻائي وئي آهي جيڪا 296 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي. 176 ڪلوميٽر جو نالو چولستان ۽ 120 ڪلوميٽر نرورٽ ڪينال آهي، ان سان 4.5 لک ايڪڙ ايراضي آباد ٿيندي. ارسا پنجاب سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڍنڍ لاءِ پاڻي پنجاب جي حصي مان ڏنو ويندو. چولستان ڪينال ڇهه ماهي ڪينال آهي، ڪينال کي 4 مهينا صوبي جي حصي مان ۽ ٻه مهينا ٻوڏ جو پاڻي ڏنو ويندو. سيد نويد قمر چيو ته هن وقت صرف پنجاب ۽ سنڌ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان مع??هدو ڪيو آهي، پاڻيءَ جي استعمال جي حوالي سان سمورا مع??ملا واضح آهن. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نه صرف پيداوار ۾ واڌ ٿيندي پر آبادگارن ۽ هارين جي حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ في ايڪڙ پيداوار گهٽ آهي. اسڪيم ??حت پاڻي جي بهتر استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. منصوبي ??حت آمدنيءَ جو 20 سيڪڙو تحقيق تي استعمال ٿيندو. هن چيو ته ٽيلي ميٽري جو سڄو نظام ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ان تي عملدرآمد به جلد ٿيندو. مير غلام ٽالپر جي سوال تي هن چيو ته پيداوار وڌائڻ لاءِ روايتي پوکي سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ جديد ذريعن جو استعمال ضروري آهي. اسان جي وزارت صرف پاڻيءَ جي استعمال جي نگراني ڪندي. هن چيو ته ??ن منصوبي ??حت صرف ريگستاني ۽ بنجر زمينن کي آباد ڪيو پيو وڃي. سيد حسين طارق جي سوال تي هن چيو ته سڄي منصوبي جو مقصد پيداواري زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي، ان سان پاڻي جي استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته جنهن صوبي کي اعتراض آهن اهو مع??هدو ختم ڪري زمين واپس وٺي سگهي ٿو. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هي مع??ملو تمام اهم آهي، ماضيءَ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان مع??هدا ٿيا آهن، اسان خدشن باوجود مع??هدن کي قبول ڪيو آهي، هي اهڙو مع??ملو آهي جنهن س??ن مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪوٽڙي کان هيٺ صرف ٻوڏ جو پاڻي وڃي رهيو آهي، معمول جو پاڻي ئي ناهي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پ پ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ ۾ هاڻ ڪڏهن به پاڪستان خلاف نعرو نه لڳندو، پ پ جي جدوجهد ۽ قربانين کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. شرميلا فاروقي چيو ته ننڍن صوبن ۾ ايترو پاڻي ناهي هوندو. ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ سٺو قدم آهي پر زمينون هڪ مخصوص ڪمپني کي ڏنيون پيون وڃن. نجي شعبي کي به ان ڪمپنيءَ ذريعي شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ صرف بنجر نه پر ٻيلا به ڏنا پيا وڃن. ??ن منصوبي جي حوالي سان سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ ضروري آهن. صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي مع??ملي تي اختلاف سامهون ايندا رهندا آهن. منهنجي گذارش آهي ته ان باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. حميد حسين نُڪتو اُٿاريو ته ڪرم ايجنسي ۾ حالتون ٺيڪ ناهن. اسان جي زمين جو تڪرار آهي ۽ ان تي وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهو مع??ملو پُرامن طريقي سان حل ٿئي. هن چيو ته انتظاميه کي خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي. ان مع??ملي تي ايوان جي ڪميٽي بڻائي وڃي، هي مع??ملو ڳنڀير آهي ۽ ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.