لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطا??يا جي نائب وزيراعظم ۽ هائوسنگ، ڪميونٽيز ۽ لوڪل گورنمينٽ بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ انجيلا ريز سان ملاقات ڪئي، نائب وزيراعظم برطا??يا جي سرڪاري تي دوري آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار برطانوي نائب وزيراعظم کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻطرفي ۽ علائقائي ڊومينز ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط پاڪستان – برطا??يا حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڄائي برطان??ي شهرين جي تعاون ۽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ برطا??يا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو. نائب وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ برطا??يا سان گڏج?? ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ٻنهي حڪومتن جون گڏيل ترجيحون آهن. نائب وزيراعظم پاڪستاني برآمدات تائين برطا??يا جي مسلسل ڊيوٽي فري پهچ کي پڻ ساراهيو. برطا??يا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ جي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. برطانوي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ٻرٽش پاڪستان?? ڪميونٽي جي ڪردار جو اعتراف ڪيو.