راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ??رنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏ??ن به نه وساريندي. هن ??يو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏ??ن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏ??ن به نه ڏٺو ويو. هن ??يو ته اڄ اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن ??يو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. هن ??يو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين سان حاصل ٿيو. هن ??يو ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ??رنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان منهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن ??يو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن ??يو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ??رنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن ??ي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.