اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپ??ءَ وارن معاملن، ملڪي صورتحال ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي هر شڪل ۾ مذمت جوڳي آهي، دهشتگرد??ءَ خلاف قومي بيانيو پاڪستان جو آواز آهي. ه?? واضح ڪيو ته دهشتگرد??ءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. اي اين پي دهشتگرد??ءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته اي اين پي جي ماڻهن دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ شهادتون ماڻيون آهن، اسان کين خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ سياسي ۽ گروهي فرق کان مٿانهون ٿي پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، انشاءَ الله عوام جي حمايت سان دهشتگرد??ءَ جو خاتمو ڪنداسين. اي اين پي جي صدر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اي اين پي جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو، ان ??نگ ۾ مان اوهان سان گڏ آهيان.