اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳيل ريڊيو سان ڳنڍجي پاڪستان جي بيانيي کي دني?? سان ڳنڍڻ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي، اهڙي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان ڪشميرين کي ۽ انهن جي جذبن کي دني?? سان ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ??هاڙي جي حوالي سان ٻه نغما جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.